درگاهه سيد حسين شاهه رتوديرو

درگاهه سيد حسين شاهه رتوديرو: هيءَ درگاهه شهر رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. هن درگاهه جي ڀرسان شهر جي مرڪزي عيدگاهه ۽ امام بارگاهه صاحب العصر آهي. هيءَ درگاهه سيد حسين شاهه شمسيءَ جي نالي سان منسوب آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته سيد حسين شاهه شمسي اصـل مـلـتـان جـو رهاڪـو هـو، جنهن جي ملڪان ملڪ مريدي هوندي هئي.
هن جي پنهنجي اولاد توڙي مريدن کي اها وصيت ٿيل هئي ته ”منهنجو دم جنهن جاءِ تي پرواز ٿي وڃي، منهنجي تربت اتي ئي تعمير ڪئي وڃي.“ اتفاق سان رتيديري ۾ کوکر ذات وارا سندس مريد هوندا هئا، جيڪي سونارڪو ڪم ڪندا هئا. انهن کوکرن وٽ سيد حسين شاهه شمسي مهمان بڻجي آيل هو ۽ رات جو کوکرن وٽ ئي رتيديري ۾ وفات ڪري ويو. کيس وصيت مطابق رتيديري ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا درگاهه اڄ به سيد حسين شاهه شمسيءَ جي درگاهه جي نالي سان آباد آهي. هن درگاهه تي هر سال ٻه وڏا ميڙاڪا ٿيندا آهن، جن مان هڪ 9 محرم الحرام تي مجلس ۽ عزاداريءَ ۽ 7 شعبان تي ’جشن خانواده رسول صلي الله عليه وسلم‘ جي سلسلي ۾ وڏو جشن منعقد ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو